حبيب الله مرزا ڊاڪٽر

حبيب الله مرزا، ڊاڪٽر: نامور اديب استاد ڊاڪٽر حبيب الله ولد رحيم بخش مرزا جو جنم 02 فيبروري 1924ع تي حيدرآباد شهر ۾ ٿيو. پي. ايڇ. ڊي ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پروفيسر طور 1982ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر حبيب الله مرزا هڪ استاد هئڻ سان گڏ ناليوارو اديب، مترجم ۽ محقق هو. سندس تحريرون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس مقالو ’ڊرامي جو اصل وطن‘ جولاءِ 1969ع جي ’پورب مخزن‘ ۾ شايع ٿيو. انهيءَ مقالي ۾ هن ثابت ڪيو ته ’ڊرامي‘ جي صنف جي ابتدا سنڌ کان ئي ٿي آهي. هن شمس العلماء مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس مختلف عنوانن هيٺ 9 بابن تي مشتمل ڊاڪٽريٽ جو مقالو لکيو ۽ 1979ع ۾ کيس پي. ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري ملي. حبيب الله مرزا‘ جي تحقيقي مقالن ۾: (1) ’حيدرآباد وارو ستين جو آستان‘ (مهراڻ: 1989ع) ۽ (2) ’پراڻو ڪوٽ‘ (مهراڻ: 1978ع) مقبول آهن. هن هيٺيان ڪتاب به ترجمو ڪيا: (1) ’سـنڌي ڊرامـن جـي تـاريـخ ۽ تـنـقـيـد‘، (2) ’پيار جو پيغام‘.


هن صفحي کي شيئر ڪريو